ڄام پراگمل- I

ڄام پراگمل- I: هيءُ ڄام رائڌڻ-II جو ٽيون نمبر پٽ هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ ڀائرن سان وڙهي، گادي هٿ ڪيائين. هن پنهنجي مُڙني مخالفن کي مارايو، جن سندس حڪمرانيءَ کان انڪار ڪيو. ايستائين جو پنهنجي وڏي ڀاءُ ڄام راول کي به ان وقت قتل ڪري ڇڏيائين، جڏهن هُو پنهنجي پيءُ کي دفنائي رهيو هو. هن ڀُڄ شهر ۾ 1715ع ۾ وفات ڪئي. کيس 5 پُٽ هئـا: (1) گــوڙ جي، (2) نرنجي، (3) سگرام، (4) ڪرن ۽ (5) دودو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ گوڙجي، گاديءَ تي ويٺو. انهن ڄامن جو تذڪرو ڪتاب ”Cutch- The Jareja Dynasty“ ۾ ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو